56

عمران خان ذاتي مفادن خاطر قومي سلامتي سان کيڏيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (رپورٽر) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ذاتي مفاد لاءِ قومي سلامتي سان کيڏيو، سندس اسڪينڊل سامهون اچڻ سان ئي کيس سڀ ڪجهه ياد اچي ويندو آهي،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران نيازي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، ان ڪري سموري ڪابينا ضمانت تي آهي، هاڻي عوام کي ٻڌايو ڪهڙي طرح 4 سال سياسي انتقام وٺندا رهيو، ان جي ناقص پاليسين جي ڪري اڄ معيشت جو اهو حال آهي،مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي مخالفن خلاف ٽرائل هلائڻ جون هدايتون ڏيندي رهي، بشريٰ بي بي چيو هو ته سائيفر کي غداري سان ڳنڍيو.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجو ذهني توازن وڃائي چڪو آهي، جڏهن پي ٽي آءِ جو ڪو ڪيس سامهون اچي ٿو ته شور مچائڻ شروع ڪن ٿا، عمران خان تڏهن ئي ڳالهائيندو آهي جڏهن سندس خلاف ڪو ثبوت سامهون ايندو آهي،هن چيو ته 4 سالن ۾ ملڪ جي هر شعبي ۾ ڦرلٽ ڪئي وئي، 4 سالن ۾ بني گالا ۾ ڪاروبار ڪيئن ٿيو، عمران خان فرح گوگي بابت عوام کي ٻڌائي، عمران خان جيئن ئي آيو ته سڀني کي جيلن ۾ وڌو. ديا، راڻا ثناءُ ۽ شهباز شريف تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں