56

ملڪ ۾ جهنگ جو قانون نه هلندو: عمران اسماعيل

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل چيو آهي ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون نه هلندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ علي زيدي چيو ته اسان کي حليم عادل شيخ جو پتو گهرجي، ٻڌايو وڃي ته حليم عادل کي ڪهڙي سزا ڏني وئي.هن چيو ته جڏهن سولر جي ڳالهه ڪئي ته سلمان شهباز نوٽيس موڪلي ڇڏيو، هي ماڻهو جيڪو ڪجهه پوکي رهيا آهن، اهو ئي لڻندا،عمران اسماعيل چيو ته حليم عادل شيخ کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، حڪمرانن کي هر ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو، جهنگ جو قانون هلائيندو ته جهنگ جي قانون کي منهن به ڏيڻو پوندو، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون نه هلندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ان جو نوٽيس ورتو وڃي.عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته پريس جي آزادي کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ نه گهرجي، عمران رياض جي گرفتاري بدترين مارشل لا جو مثال آهي، سميع ابراهيم، ارشد شريف، جميل فاروقي جو آواز خاموش ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں