63

عمران خان ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، هاڻي سچن ڪيسن کي منهن ڏئي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي حوصلو ڪرڻ گهرجي، هنن اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪيا، هاڻي سچن ڪيسن کي منهن ڏيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان ڪالهه چيو هو ته اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي، اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ چيو ته اهو سلسلو بند نه ٿيو ته سڀ ڪجهه ٻڌائيندس، هن سوال ڪيو ته ڇا توهان کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو يا توهان جي دوا بند ڪئي وئي آهي؟ توهان کي ڪهڙي تنگي ٿي رهي آهي؟ ڊي چوڪ ۾ ويهڻ لاءِ اجازت نه ڏني، اها پريشاني آهي؟ ڇا عمران خان جي ڀيڻ، ڌيءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي؟ وفاقي وزير چيو ته توهان مخالفن خلاف ڪارروايون ڪندا رهيا، توهان 240 ڪنال زمين فرح جي نالي تي حاصل ڪئي، توهان کي سمورن سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، عمران خان جيڪڏهن ٻڌائڻ چاهي ته ٻڌائي ته 2014ع جا ڌرڻا ڪنهن لڳرايا هئا؟ هن چيو ته جيڪا فرح گوگي ملڪ ۾  لٽ مار ڪئي، ان تي ته صرف انڪوائري ٿي رهي آهي، هن چيو ته عمران خان ڇا چاهي ٿو اقتدار يا اين آر او چاهي ٿو؟ قانون پنهنجو رستو ضرور وٺندو، ماڻهن عمران خان جو ساٿ ناهي ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں