49

عيدالاضحيٰ کان اڳ ڪورونا وائرس ۾ شدت، وڌيڪ 9 ماڻهو فوت

ڪراچي (رپورٽر) عيدالاضحيٰ کان اڳ ڪورونا وائرس ۾ شدت اچي وئي، جنهن سبب وڌيڪ 9 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، صحت جي قومي اداري اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 125 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 872 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي، اين آءِ ايڇ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.77 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته 165 ماڻهن جي حالت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں