54

حڪومت جي اقتدار جي هڪ هڪ گهڙي ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي اقتدار جي هڪ هڪ گهڙي ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، ڪورونا آيو ته عمران خان چيو ته کيس عام ماڻهن جي مسئلن جو احساس آهي، لاڪ ڊائون نه ڪندس ۽ اسان معيشت کي ترقي ڏياري، هن چيو ته اڄ 4 پريس ڪانفرنسون عمران خان بابت هيون، بهتر نموني ملڪ هلي رهيو هو، عام ماڻهو کي روزگار ملي رهيو هو، عمران خان جي دور ۾ هڪ هزار ارب جي سيڙپڪاري آئي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان تي اعتماد ڪيو، 3 سالن ۾ هر شعبو بهتر نموني هلي رهيو هو. هن چيو ته عمران خان کي خوداري جي ڳالهه ڪرڻ جي سزا ڏني وئي، بلاول ڀٽو پنهنجي هم منصب روسي پرڏيهي وزير کي فون ڇو نه ٿو ڪري؟ عمران خان وزيراعظم هجي ها ته سستو تيل ۽ گئس ملڪ ۾ اچي وڃي ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں