65

دعا زهرا جي مڙس ظهير جي 14 جولاءِ تائين حفاظتي ضمانت منظور

لاهور (رپورٽر) لاهور هاءِ ڪورٽ دعا زهرا جي مڙس ظهير جي 14 جولاءِ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، جسٽس عاليه نيلم ظهير جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪڏهن جي ايف آءِ آر درج ٿيل آهي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته 16 اپريل تي اغوا جي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي هئي، جسٽس عاليه نيلم وڪيل کان ٻيهر سوال ڪيو ته هن وقت تائين توهان ڇا ڪري رهيا هئا، توهان کي ڪيئن خبر پئي ته ظهير کي پوليس گرفتار ڪرڻ ظاهر ٿي؟ وڪيل جواب ڏنو ته جاچ آفيسر جو بيان آهي ته هو معاملي کي ري انويسٽيگيٽ ڪري رهيو آهي، خدشو آهي ته پوليس ظهير کي گرفتار ڪري وٺندي، ان ڪري عدالت کي التجا آهي ته حفاظتي ضمانت منظور ڪري ته جيئن لاڳاپيل عدالت مان عبوري ضمانت وٺي سگهجي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد 14 جولاءِ تائين ظهير جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي پوليس کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں