58

عمران خان جي پائليٽ کي به فون ڪالز تي ڌمڪايو پيو وڃي: اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته عمران جي پائليٽ کي به هاڻي فون تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي جلسي ۾ کڻي ويندڙ پائليٽ کي به هاڻي فون ڪالز تي ڌمڪايو پيو وڃي، هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت اڃا ڪيترو ڪرندي، واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سڪيورٽي اسٽاف ڪراچي ايئرپورٽ تي ڊي ايس پي کي وردي کان پڪڙي ڌڪا ڏنا هئا ۽ بدڪلامي پڻ ڪئيهئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں