89

اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت جو روشن گهراڻو پروگرام معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت جو روشن گهراڻو پروگرام 17 جولاءِ تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي روشن گهراڻي پروگرام تي اليڪشن ڪميشن جي پاڻمرادو نوٽيس جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران حمزه شهباز طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ويو ته حمزه شهباز 100 يونٽن بابت جيڪو اعلان ڪيو هو اهو بجيٽ ۾ اڳ ئي جاري ڪيو ويو آهي.ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته اهو اعلان ڪنهن خاص حلقي لاءِ نه پر سڀني لاءِ آهي ۽ ان اعلان سان سڄي پنجاب کي فائدو ٿيندو.ڪنهن خاص حلقي ۾ ڊولپمينٽ اسڪيم جو اعلان ڪري لاڳاپيل ووٽرن کي راغب ڪرڻ خلاف ورزي ٿيندي.پنجاب جي وڏي وزير جي وڪيل جي دليلن جو جواب ڏيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ وڏي اهميت رکي ٿي، انهن نتيجن جو سڌو سنئون تعلق صوبائي حڪومت سان آهي.ان معاملي تي فيصلي جو اعلان ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جو روشن گهراڻو پروگرام ضمني چونڊن کانپوءِ لاڳو ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں