78

درآمد تي پابندي غلط فيصلو هو: واپاري واري وزير نويد قمر اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد (رپورٽر) واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته درآمدات تي پابندي غلط پاليسي فيصلو هو.واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر اها ڳالهه پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف مارڪيٽ اڪانومي (پي ايم اي) پاران فريڊرچ نومين فائونڊيشن (ايف اين ايف) پاڪستان جي سهڪار سان منعقد ڪيل واپاري سيمينار کي خطاب ڪندي ڪئي.هن چيو ته تازو ئي اسان غلط رخ ۾ ويا هئاسين ۽ درآمد تي پابندي لڳائي هئي پر هي قدم انتهائي صورتحال ۾ کنيو ويو. واپار واري وزير چيو ته پابندي 18 جولاءِ تي ختم ٿيڻ واري آهي، اسان ان ۾ واڌ جي مخالفت ڪنداسين، هن چيو ته سڀ ڪجهه واپار واري وزارت جي هٿ ۾ ناهي.سيد نويد قمر چيو ته درآمد تي پابندي سان نقصان ٿيو آهي، جلد يا دير سان اسان کي پابندي هٽائڻي پوندي. 19 مئي تي وفاقي ڪابينا ٻن مهينن لاءِ 41 شين جي درآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں