79

وزيراعظم اسلام آباد ۾ گرين ۽ بليو لائينز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي راڄڌاني ۾ گرين اينڊ بليو لائين جديد بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.پبلڪ ٽرانسپورٽ جي جديد منصوبي تحت ميٽرو بس سروس جون گرين ۽ بليو لائين بسون اسلام آباد جي 2 رش واري رستن تي هلنديون.گرين لائين ميٽروبس سروس بھار کهڙو کان پمز اسپتال تائين 15.5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پکڙيل آھي، ھن روٽ تي 8 اسٽيشنون ٺاھيون ويون آھن، جڏھن ته بليو لائن ميٽروبس سروس ڪورل کان پمز اسپتال تائين 20 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪندي ۽ ھن رستي تي 13 مسافر اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ جديد بس سروس جي افتتاح سان وفاقي راڄڌاني جي شهرين کي سفري سهولت ملندي ۽ روزانو هزارين ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪنيڪٽيوٽي جو علمبردار آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں