84

تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، جلد مهانگائيءَ مان ڇوٽڪارو ملندو: وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 75 سالن ۾ سياسي پارٽين ۽ آرمن ملڪ کي ڪو فائدو ناهي پهچايو، محنت سان ترقي جون منزلون طئه ڪنداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا حڪومت جي ترجيح آهن، ساليانو 20 ارب ڊالر جي پيٽروليم شين جي درآمد ڪئي ويندي آهي، ماضيءَ جي حڪومت انتهائي ناقص منصوبابندي ڪئي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گرين ۽ بليو لائن بس سروس منصوبن سان جاڙن شهرن جي عوام کي فائدو ٿيندو، منصوبي ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي، تيل ۽ گئس جي قيمتن عوام کي پريشان ڪيو آهي، مهانگائيءَ جو سلسلو گذريل 4 سالن کان جاري آهي، جلد ان مان ڇوٽڪارو ملي ويندو، الله جو شڪر آهي تيل جون قيمتون ڪجهه گهٽيون آهن، سستي شمسي توانائي جو ڄار پوري ملڪ ۾ وڇائينداسين، گڏجي چئلينجز جو مقابلو ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں