57

حڪومت جي سياست گردي انتها جي آهي: حليم عادل سيخ

لاهور (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته حڪومت جي سياست گردي انتها جي آهي، لاهور۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي مخالف ڌر اڳواڻ سان زيادتي ٿي آهي،پي ٽي آءِ ايم پي اي شورٽي بانڊ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ جي 18 جولاءِ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي لاهور جي هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو هو،حليم عادل کي اينٽي ڪرپشن سنڌ سرڪاري زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں