47

ملڪ ۾ طوفاني برساتن سبب فوت ٿيلن جو انگ 77 مان وڌي 80 ٿي ويو

اسلام آباد (رپورٽر) ملڪ ۾ طوفاني برساتن سبب فوتين جو انگ 77 مان وڌي 80 ٿي ويو آهي.مقامي انتظاميا موجب بلوچستان ۾ طوفاني برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 16 عورتن ۽ 13 ٻارن سميت 42 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻوڏ ۽ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.بلوچستان ۾ مختلف ڊيمن ۽ واهن ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي، جنهن ڪري آبادي کي سخت نقصان پهتو آهي.ٻئي طرف غذر ۾ بجلي ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي.لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات پڻ رڪارڊ ڪئي وئي، گجرانوالا ۾ برسات جو پاڻي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن ته ملتان جي مختلف علائقن ۾ وڻ ڪرپٽ ۽ بجلي جون تارون پڻ ڪري پيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں