65

اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال تي عورت سان غير اخلاقي ڳالهه ٻولهه جو سنگين الزام

اسلام آباد (م ڊ) گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جي سربراهه ۽ اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي وڪڙ ۾ اچي ويو، عورت سان مبينا طور غير اخلاقي ڳالهه ٻولهه جي سنگين الزام ۾ پي اي سي ۾ اڄ متاثر عورتون ۽ سماجي ڪارڪن آمنه سعود جنجوعه سان آمهون سامهون ٿيندو، چيئرمين نور عالم خان چيو آهي ته جاويد اقبال لاپتا ماڻهن جي ڪميشن ۾ ايندڙ عورت کي چيو ته تون ايتري خوبصورت آهين، توکي مڙس جي ڪهڙي ضرورت آهي، ان کان اڳ جاويد اقبال ۽ هڪ ٻي عورت طيبه گل جي مبينا وڊيو اسڪينڊل جي جاچ لاءِ به چيئرمين پي اي سي جاويد اقبال ۽ طيبه گل کي پي اي سي ۾ گهرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو. طيبه گل الزام لڳايو هو ته هوءَ پنهنجي مڙس جي غيرقانوني گرفتاري جي شڪايت کڻي اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال وٽ وئي ته هن ساڻس غير اخلاقي گفتگو ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں