51

ادارن خلاف مهم اهم معاملو آهي، ان اشو کي هڪ ئي ڀيرو طئه ٿيڻ گهرجي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (رپورٽر) لاهور هاءِ ڪورٽ رماڪرس ڏنا آهن ته ادارن خلاف مهم اهم معاملو آهي، ان اشو کي هڪ ئي ڀيرو طئه ٿيڻ گهرجي، لاهور هاءِ ڪورٽ، عدالته، فوج ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف سوشل ميڊيا تي منظم مهم خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس سجاد محمود سيٺي اختر علي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي درخواست کي ترميم سان گڏ 5 رڪني فل بينچ اڳيان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست گذار طرفان ميان دائود ايڊووڪيٽ پيش ٿيو، عدالت ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته ادارن خلاف مهم اهم معاملو آهي، ان اشو کي هڪ ئي ڀيرو طئه ٿيڻ گهرجي، درخواست جي متن مان لڳي ٿو ته هي هڪ مخصوص سياسي پارٽي خلاف آهي، جسٽس سجاد محمود سيٺي چيو ته ان درخواست کي جنرل ٿيڻ گهرجي ڇو ته هي هڪ اهم اشو هلي پيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته هن وقت پي ٽي آءِ ئي عدليه، فوج خلاف منظم مهم هلائي رهي آهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته ان درخواست جي ترميم ڪريو، عيد جي موڪلن بعد فل بينچ ان تي ٻڌڻي ڪندي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آئين ۽ قانون ۾ آزادي اظهار راءِ جي اجازت آهي پر مسلسل منظم مهم هلائڻ ڏوهه آهي، عدليه، فوج ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف سوشل ميڊيا تي منظم مهم هلائي پئي وڃي، ميان دائود ايڊووڪيٽ موقف پيش ڪيو ته ادارن خلاف منظم مهم هلائڻ پويان پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا سيل متحرڪ نظر ايندو آهي، ادارن خلاف پي ٽي آءِ جو هڪ اڳواڻ بيان ڏيندو آهي، پوءِ ان بيان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويندو آهي، درخواست گذار جي وڪيل اهو موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا سيل سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز کي اسڪينڊلائيز ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ کي عدليه کي منظم مهم ذريعي اسڪينڊلائيز ڪرڻ تي فيصلي ۾ حڪم جاري ڪرڻو پيو، درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت ۽ ايف آءِ اي کي ادارن خلاف مواد سوشل ميڊيا تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي، ادارن کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ ۽ ڪوڙو مواد ٺاهڻ ۽ پکيڙڻ وارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي، ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي منظم مهم روڪڻ لاءِ حڪومت کي پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں