77

آمريڪي ۽ برطانوي سڪيورٽي ايجنسين جي سربراهن چين کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن (م ڊ) آمريڪي ۽ برطانوي سڪيورٽي ايجنسين جي سربراهن چين کي معيشت ۽ قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو، برطانوي ڳجهي ايجنسي جي آفيس “ٿيمز هائوس لنڊن” ۾ ايم آءِ فائيو ۽ ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽرز پهريون ڀيرو گڏيل طور پري ڪانفرنس ڪئي، آمريڪي سڪيورٽي ايجنسي جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفرري الزام لڳايو ته چين چونڊن سميت آمريڪي سياست ۾ مداخلت ڪئي آهي، برطانوي ڳجهي ايجنسي ايم آءِ فائيو جي سربراهه ڪين ميڪ ڪيلم جو چوڻ هو ته ان جي ايجنسي گذريل ٽن سالن ۾ چيني سرگرمين خلاف ٻيڻو ڪم ڪيو ۽ هاڻي وڌيڪ ڪارروايون جاري رکنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں