79

ڀارت سان واپار ۽ اسرائيل سان دوستي حڪومت جي ايجنڊا آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (رپورٽر) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڀارت سان واپار ۽ اسرائيل سان دوستي حڪومت جي ايجنڊا آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڀارت سان واپار، اسرائيل سان دوستي ۽ ڊرون اڏن جي اجازت حڪومت جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي چڪر ۾ ڦاسي وئي آهي. 4 ٽيڪسٽائل ملون بند ٿي ويون، ملڪ ڊفالٽ ڏانهن وڃي رهيو آهي، بجلي 9 رپيا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي. سولر ايجنسي ڪميشن جو اصل چهرو شهباز شريف خاندان آهي. پاڪستان دنيا جو مهانگو ترين ملڪ آهي.هن چيو ته 31 سيڪڙو مهانگائي ۽ 15 سيڪڙو وياج جي شرح وڌي وئي آهي هاڻي سيڙپڪاري ڪير ڪندو؟ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن، قبرون ٺاهڻ وارا تماشو ڏسي رهيا آهن. 20 سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊون فيصلائتيون آهن. ايندڙ 45 ڏينهن ۾ جمهوريت ۽ حڪومت جو فيصلو ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں