52

سياسي ڪاسائن مال پڙين جون رونقون ختم ڪري ڇڏيون آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سياسي ڪاسائن مال پڙين جون رونقون ختم ڪري ڇڏيون آهن، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بيروزگاري عام آهي، سيڙپڪاري گهٽ آهي، غريب گهر جو سامان وڪرو ڪري رهيا آهن، ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍي رهيا آهن، پيٽرول ۽ بجلي کانپوءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي ته خبر پوندي.اڳوڻي وفاقي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته حاجي واپسيءَ تي 2 پٿريون امپورٽڊ شيطانن لاءِ پاڪستان آڻين، مهانگائيءَ جي شرح 34 سيڪڙو وڌي وئي آهي، غريبن کي ڀاشن نه راشن گهرجي، شيخ رشيد چيو ته پنجاب ۾ ضمني چونڊن جو نتيجو سياسي منظرنامو تبديل ڪري سگهي ٿو، حڪومت رڳو پنهنجا ڪيس بند ڪري رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں