55

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اسٽيل ملز جي نقصان جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي (رپورٽر) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميا ۽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي ڪارڪردگي ۽ پاڪستان اسٽيل جي خساري بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت جي ذريعن موجب چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نور عالم خان جنهن حڪومت جو حصو رهيو، ان حڪومت جي دور ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ۾ ڪرپشن، غفلت ۽ ناقص ڪارڪردگي سبب اربين رپين جي نقصان جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت پاڪستان اسٽيل جي سي اي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت پاڪستان اسٽيل جي سي اي او کي 15 جولاءِ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستان اسٽيل پيپلز ورڪرز يونين سي بي اي پاران پاڻمرادو نوٽيس جي اپيل تي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں