60

قاتل ڪورونا 7 ڄڻن جون زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون، وڌيڪ 732 ماڻهو وبا ۾ وٺجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 7 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 2.24 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 ڄڻا ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن. 158 ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 22 هزار 568 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 732 ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا. 158 ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.24 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں