67

ريلوي جو ٽرين آپريشن اڃا تائين معمول تي نه اچي سگهيو، مسافر پريشان

لاهور (م ڊ) ملڪ ۾ مون سون جي برساتن ۽ جھمپير ۾ ريلوي ٽريڪ جي مرمت سبب ٽرين آپريشن اڃا تائين معمول تي نه اچي سگهيو آهي.ٽرينون 48 ڪلاڪن کان به وڌيڪ دير جو شڪار آهن، جڏهن ته پنهنجي اباڻن ڳوٺن ڏانهن عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ ٽرينون ليٽ هجڻ سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسٽيشنن تي ويهي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، ٽرينن ۾ دير ۽ مسافر بوگين جي کوٽ سبب انتظاميه ٻن ٻن ٽرينن کي هڪ ٽرين بڻائي هلائي رهي آهي، ريلوي انتظاميا موجب پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرين کي ڪراچي ايڪسپريس ٽرين سان ملايو ويندو ۽ لاهور کان شام 5.30 وڳي رواني ٿيندي. پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرين 8 جولاءِ تي شام 4 وڳي رواني ٿيڻي هئي.قراقرم ايڪسپريس کي شاهه حسين ايڪسپريس سان ملايو ويندو ۽ شام 7.30 تي هلندي، قراقرم ٽرين 8 جولاءِ تي 3 وڳي لاهور کان رواني ٿيڻي هئي.ٽرينن جي دير سبب ماڻهن ٽڪيٽن جي مد ۾ لکين رپيا ري فنڊ وٺي ڇڏيا، ٽڪيٽون ري فنڊ ٿيڻ سبب ريلوي کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں