78

پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، 6 شڪي دهشتگرد گرفتار

لاهور (م ڊ) پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڳجهي اطلاع تي ڪارروايون ڪندي 6 شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن جو تعلق مختلف پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي.گرفتار جوابدارن ۾ وحيد ڀٽي، جميل الرحمان، محمد عبدالله، محسن خورشيد، عمران خان ۽ ڪاشف علي شامل آهن.شڪي دهشتگردن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں