74

ڪراچي ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ هلڪي ۽ تيز برسات سان موسم خوشگوار ٿي وئي. صدر، ڪلفٽن، ڊفينس، پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پئي، جڏهن ته ٽين هٽي، نشتر روڊ، لسبيلا، گارڊن ايسٽ، گوليمار ۽ سولجر بازار ۾ به بادل ڇانئجي ويا.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو ته عيد جي پهرين شام شهر ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. عيد الاضحي جي ٻئي ڏينهن به هلڪي برسات جو امڪان آهي.سردار سرفراز موجب مون سون جو ٻيو سسٽم 13 جولاءِ تي وچ هندستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿيندو. مون سون جو نظام هن وقت سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر ۽ اوڀر ۾ موجود آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں