71

هيروئن ڪيس بابت آرمي چيف وٽ شڪايت ڪري ڇڏي آهي: راڻا ثناءُ الله

ڪراچي (م ڊ) وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آھي تھ هيروئن ڪيس بابت آرمي چيف وٽ شڪايت ڪري ڇڏي آهي، هيروئن ڪيس ۾ اي اين ايف جي ڪردار بابت آرمي چيف وٽ  شڪايت ڪئي آهي، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي ھن چيو تھ مون مٿان 15 ڪلو هيروئن واري ڪيس ۾ عمران خان،شهزاد اڪبر ۽ اڳوڻو ڊي جي اي اين ايف ملوث هئا، 15 ڪلو هيروئن جو ٿيلهو شهزاد اڪبر وٽ هو، شهزاد اڪبر پوليس کي چيو هو ته اِهو ٿيلهو پارليامينٽ لاجز ۾ رکيو وڃي، اسلام آباد پوليس انڪار ڪيو ته اي اين ايف جو اڳوڻو ڊي جي اُن ڪم ۾ لڳي ويو، ھن چيو تھ فواد چوڌري کان علاوه طارق بشير چيما ۽ اعجاز شاهه به هِن ڪيس  کي جڙتو قرار ڏنو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں