161

عمران خان جا پنهنجا ماڻهو به انتقامي ڪاررواين ۽ ڪوڙن ڪيسن جي گواهي ڏئي رهيا آهن: شيري رحمان

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عالمي سازش جي بيان سان گڏ احتساب واري بيان جو به پول کلي ويو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جا پنهنجا وزير به هاڻي تحريڪ انصاف جي انتقامي ڪاررواين ۽ ڪوڙون ڪيسن جي گواهي ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته جنهن بيان کي وٺي عمران خان پوڻا 4 سال مخالفن کي نشانو بڻائيندو رهيو اهو رڳو کوکلو نعرو نڪتو، هن سياسي مقصدن لاءِ قانون ۽ احتساب جي ادارن کي يرغمال بڻايو، شيري رحمان چيو ته نام نهاد احتساب جي عمل ۾ ڪنهن سطح تي مداخلت ڪئي وئي، ان جي هاڻي جاچ ٿيڻ گهرجي، پوري قوم کي خبر پوڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ پوڻا 4 سال ادارن ۽ قانونن جون ڪهڙي طرح ڌڄيون اڏايون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں