82

معاشي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو جلد شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ راولپنڊي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جي مشاورتي اجلاس ۾ پهرين مرحلي ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي مرحلي ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي ويندي، پي ٽي آءِ ميمبر ٻيهر قومي اسيمبلي ايوان ۾ پيش ٿيندا ۽ استعيفيٰ ڏيندا.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي چونڊ مهم ۾ تبديل ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته پ پ حڪومت جي ناقص پاليسين ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، معاشي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو جلد شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں