62

ملالا يوسفزئي 4 ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي وئي

لاهور: نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي 4 ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي وئي آهي.

ملالا ٽوئٽ ۾ پنهنجي پاڪستان اچڻ جي تصديق ڪندي لکيو آهي ته پنهنجي ملڪ پاڪستان تي هميشه سٺو احساس پيدا ٿيندو آهي. مون کي لاهور اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. ملالا پنهنجي والدين ۽ مڙس سان گڏ ايئرپورٽ تي ورتل تصويرون به شيئر ڪيون.

ذريعن موجب ملالا مختلف سيمينارز ۾ شرڪت ڪندي جڏهن ته لمز يونيورسٽي ۾ ملالا يوسفزئي جي اعزاز ۾ تقريب ۾ اهتمام ڪيو ويو آهي. ملالا يوسفزئي 16 ڊسمبر تي واپس رواني ٿي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں