70

اين آر او ٽو مان فائدو حاصل ڪندڙ سليمان شهباز به اڄ ڳالهائي رهيو آهي: عمر سرفراز چيمه

لاهور: پنجاب جي گهرو صلاحڪار عمر سرفراز چيمه وزيراعظم جي پٽ سليمان شهباز جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اين آر او 2 مان فائدو حاصل ڪندڙ سليمان شهباز به اڄ ڳالهائي رهيو آهي.

عمر سرفراز چيمه وڌيڪ چيو ته سليمان شهباز جي والد شهباز شريف کيس ڪلين چٽ ڏيارڻ لاءِ سمورا طريقا استعمال ڪيا. اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي پر ڪرپٽ ٽولو ڦورن کي پروٽوڪول ڏئي رهيو آهي. سرٽيفائيڊ ڦورو ملڪ مٿان قابض ٿي ويا آهن.

عمر سرفراز چيمه چيو ته شريف فيملي معاشري ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جا رڪارڊ قائم ڪيا. سندن ڪهاڻيون هر ماڻهو کي چڱي ريت ياد آهن. اسحاق ڊار پاڻ اعتراف ڪيو ته هن شريف خاندان جي لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته شريف خاندان ايون فيلڊ ريفرنس جي اربين روپين جي اثاثن جا ثبوت اڄ تائين جمع ناهي ڪرائي سگهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں