58

وزيراعظم شهباز شريف سکر حيدرآباد موٽر وي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

سکر: وزيراعظم ميان شهباز شريف 306 ڪلو ميٽر ڊگهي سکر حيدرآباد موٽر وي ايم 6 جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف موٽر وي ايم 6 جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهتو جتي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي وزير مولانا اسد محمود، احسن اقبال، آءِ ٽي جو وزير امين الحق، قمرالزمان ڪائره ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به ساڻس گڏ هو.

وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. سکر حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي پي ڪي ايم جو آخري حصو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان جڙي ويندا. اهو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت 30 مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

ان حوالي سان اين ايڇ اي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته منصوبي تي 307 ارب روپين کان وڌيڪ لاڳت ايندي جنهن تي 15 انٽر چينج، سنڌو درياءَ تي هڪ وڏو پل، 19 انڊر پاس ۽ 6 فلائي اوورز تعمير ڪيا ويندا.

موٽر وي جي ٻنهي پاسي 50 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي 10 سروس ايرياز تعمير ٿيندا. اهو موٽر وي ڄامشورو، حيدرآباد، مٽياري، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، خيرپور ۽ سکر جي ضلعن کان گذرندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں