59

عمران خان ملڪ جو مڃيل سياسي اڳواڻ آهي، سندس ساٿ ڏنو ۽ اڳتي به ڏيندا رهنداسين:پرويز الاهي

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان عمران خان جو ساٿ ڏنو، ڏئي رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڏيندا رهنداسين.
رپورٽ موجب چوڌري پرويز الاهي سان صوبائي وزير محمد لطيف نذر ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ فيصل آباد ۾ ترقياتي ڪمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته لطيف کوسي پرويز الاهي کي معدنيات کاتي جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڪستان جو مشهور اڳواڻ آهي اسان سندس ساٿ ڏنو، ڏئي رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڏيندا رهنداسين. مان ڪنهن به هڪ ماڻهو جي بجاءِ سموري ٽيم کي گڏ کڻي هلندو آهيان.
هن چيو ته اسان جي سياست جو مقصد عام ماڻهو جي حالتن ۾ بهتري آڻڻ آهي. هميشه غريب ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي لاءِ سچي نيت سان ڪم ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين. اسان عوام جي لاءِ اهڙا ڪم ڪنداسين جو عوام هر دور ۾ اسان کي ياد رکندي.
پنجاب جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان (ن) ليگ جيان انتقامي سياست ڪڏهن به ناهي ڪئي. اسان هميشه مثبت سياسي روايتون قائم ڪيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں