86

ڀارتي ڪاميڊين اداڪار راجپال ياديو جو شاگرد کي موٽر سائيڪل سان ٽڪر، ڪيس داخل

ممبئي: بالي ووڊ جي مزاحيه اداڪار راجپال ياديو خلاف شوٽنگ دوران شاگرد کي اسڪوٽر ٽڪر هڻڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راجپال ياديو فلم جي شوٽنگ دوران اتي بيٺل بالاجي نالي شاگرد کي موٽر سائيڪل جو ٽڪر هنيو، جنهن سبب شاگرد سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو.

رپورٽن مطابق شاگرد فلم جي شوٽنگ کي ڏسڻ لاءِ آيو هو ۽ ڪجهه فاصلي تي بيٺو هو ته کيس موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳو.

جڏهن ته، شاگرد اهڙو شڪايت اداڪار ۽ فلم جي ٽيم جي خلاف پوليس ۾ داخل ڪئي، شاگرد الزام هڻندي ٻڌايو ته انهن کيس بدسلوڪي ڪئي ۽ کيس مارڻ جي ڌمڪيون پڻ ڏنيون.

جڏهن ته راجپال ياديو ۽ سندس ٽيم جي ٻين ميمبرن به پوليس ۾ شڪايت داخل ڪئي ۽ الزام هنيو ته شاگرد شوٽنگ ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

پوليس موجب، اداڪار جنهن اسڪوٽر تي سوار هو پراڻو هو ۽ حادثو ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب پيش آيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں