70

سرحد تي چيني فوج سان جهڙپ دوران اسان جو ڪو به سپاهي زخمي يا مارجي ناهي ويو: ڀارتي بچاءَ وارو وزير

ممبئي: ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته سرحد تي چيني ۽ ڀارتي فوجين وچ ۾ جهڙپ ۾ اسان جو ڪو به فوجي زخمي يا مارجي ناهي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب راج ناٿ سنگهه پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي لائن آف ايڪٽ تي چيني ۽ ڀارتي فوج وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان چيو ته گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي ۾ ڪو به ڀارتي فوجي سخت زخمي ناهي ٿيو ۽ نه ئي ڪو جاني نقصان ٿيو آهي.

راجناٿ سنگهه چيو ته ڀارتي فوج پنهنجي ملڪ جي سرزمين جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

ڀارتي بچاءَ واري وزير چيو ته چيني فورسز کي چيو ويو آهي ته هو سرحد تي امن برقرار رکڻ لاءِ اهڙين ڪاررواين کان پاسو ڪن.

گذريل ڏينهن اروناچل پرديش جي علائقي توانگ سيڪٽر تي چيني ۽ ڀارتي فوج وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي هئي، جنهن بابت ڀارتي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جهڙپ ۾ ٻنهي طرفن جا سپاهي معمولي زخمي ٿيا آهن.

واضح رهي ته 2020 ۾ لداخ جي گلوان وادي ۾ چيني ۽ ڀارتي فوج وچ ۾ جهڙپ ٿي هئي جنهن ۾ 20 ڀارتي ۽ 4 چيني فوجي مارجي ويا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں