108

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ٿي ويو

ڪراچي: سموري سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي موجب تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون 21 کان 31 ڊسمبر تائين ڪيون ويون آهن.

سنڌ جي تعليم کاتي موجب صوبي جا سمورا اسڪول ۽ ڪاليج پهرين جنوري کان کوليا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تعليم واري وزير سردار شاهه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
تعليم کاتي موجب اسٽيئرنگ ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته سياري جي موڪلن جو فيصلو سمورن نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجز تي لاڳو هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں