70

لاهور جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ ڀارت ملوث، 3 دهشتگرد گرفتار، گهرو وزير

لاهور: لاهور جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، گهرو وزير چيو آهي ته ڌماڪي جي ذميوار ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هو پرڏيهي وزارت ذريعي گڏيل قومن ۾ ڀارتي دهشتگردي جو معاملو اٿاريندو، ڪلڀوشن جو ڪيس پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جو ثبوت آهي، ڀارت پاڪستان ۾ هر قسم جي دهشتگردي کي هٿي ڏئي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ڪافي عرصي کان دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، دهشتگرديءَ جو جيڪو به واقعو ٿئي ٿو، ڀارت ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ملوث رهيو آهي، پاڪستان ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن کي نشانو بڻايو ويو.
گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قوم دهشتگردي خلاف بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، اسان هر روز نئين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان ڏهاڪن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ايڊيشنل آءِ جي سي ڊي ٽي جو چوڻ هو ته جوهر ٽائون ڌماڪي جي 24 ڪلاڪن اندر 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جوهر ٽائون ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به دهشتگرد تنظيم قبول ناهي ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں