58

پاڪستان کي سريلنڪا وانگر چاهيندڙن کي مايوسي ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي سريلنڪا بڻائڻ جي خواهش رکندڙن کي هميشه وانگر مايوسي ٿيندي.
حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو اڳوڻي حڪومت جي تباهه ٿيل معيشت کي بحال ڪنداسين. انشاءَ الله پاڪستان تباھ نه ٿيندو.

ان کان اڳ اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ايف بي آر جي عملدارن وزيراعظم کي ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ وزيراعظم کي قرضن جي واپسي جي شيڊيول ۽ آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين بابت بريفنگ ڏني وئي. ان کان علاوه اقتصادي ٽيم وزيراعظم کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن سميت ڊالر جي قدر جي محرڪن بابت آگاهه ڪيو.
اجلاس ۾ موجود ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ڏکين حالتن مان نڪري ويندو، قرض وقت تي ادا ڪيا ويندا. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته معيشت کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.
ذريعن موجب حڪومت افغانستان ۾ ڊالر، ڪڻڪ ۽ يوريا اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڊالر جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سمورن ادارن ۾ رابطا مضبوط ڪري سخت قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت مالياتي ادارن سان ڪيل واعدا پورا ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں