98

اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپر کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف کي اليڪشن ڪميشن مان هڪ ٻيو ڌڪ لڳو آهي.
اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپر جي نااهلي لاءِ پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن فريال ٽالپر جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ورتو. سنڌ اسيمبلي ميمبر ارسلان تاج ۽ رابعه اظفر نظامي فريال ٽالپر تي اثاثا لڪائڻ جو الزام هنيو هو.
اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي لاءِ ٺوس ثبوت گهرجن، فريال ٽالپر اثاثا ظاهر ڪيا هئا، تحريڪ انصاف فريال ٽالپر خلاف ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 27 آڪٽوبر تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں