54

پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن: حنا رباني

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن پاڙيسري جي گهر کي باهه ڏيندو ته اها باهه انهن تائين به پهچندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مملڪتي وزير چيو ته لاهور واقعي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن، پاڪستان حڪومت ان معاملي کي هر سطح تي اٿاريندو، دهشتگردي مان ڪنهن به ملڪ کي بهتر فائدو نه پهتو آهي.
حنا رباني کر چيو ته ڀارت بلوچ دهشتگرد تنظيمن جي کليل مدد ڪري ٿو، جڏهن ته سمجهوتا ايڪسپريس واقعو، لاهور واقعو ۽ ڪلڀوشن ياديو ڪيس ڀارتي دهشتگردي جا مثال آهن.
هن چيو ته ڀارت هميشه سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڀارت جيڪو ڪندو آهي ان جو الزام ٻين تي لڳائيندو آهي، پاڙيسري ملڪن ۾ عدم استحڪام ۽ سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ ۾ ڀارت جو مسلسل ڪردار پڻ تازو مثال آهي.
حنا رباني کر چيو ته اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف ۽ گڏيل قومون ڀارت جو احتساب ڪندا، ڊوزيئر سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان به شيئر ڪيو ويندو.
مملڪتي وزير چيو ته اڄ دهشتگردي جا ذميوار پاڻ کي متاثرن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں