159

ڪانگو ۾ ٻوڏ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا. 141 فوت

ڪنشاسا: آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ مسلسل برساتن سبب آيل ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 141 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن.
خبرن موجب آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ برساتن کانپوءِ ٻوڏ جو پاڻي راڄڌاني جي رهائشي علائقي ۾ داخل ٿي ويو. ٻوڏ جي ريلي پنهنجي رستي ايندڙ ڳوٺن جا ڳوٺ لوڙهي ڇڏيا آهن.
سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٿيو، جتي ٻوڏ جي نتيجي ۾ هڪ هزار گهر ڊهي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. امدادي ڪاررواين دوران ڪيترن ئي ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
مسلسل برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي آهي. هاءِ وي ڊهي پٽ ٿي ويا ۽ گهٽيون گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن.
صحت واري وزارت موجب امدادي ڪاررواين دوران 141 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ 10 ڄڻا لاپتا آهن. هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا.
راڄڌاني بندرگاهه کان ڪٽجي ويو. روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا. روڊن کي صاف ڪرڻ ۾ 4 ڏينهن لڳي سگهن ٿا جنهن سبب اتان جي عام زندگي ان وقت تائين معطل رهندي.
تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بزرگ شهرين عالمي ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته هنن پنهنجي زندگي ۾ اهڙي برسات ۽ ٻوڏ نه ڏٺي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں