83

انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو وڌندڙ تعداد ڳڻتي جوڳو قرار

گهرو معاملن واري وزارت انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي وڌندڙ تعداد کي خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

گهرو وزارت سائبر ڪرائم جي شڪايتن ۽ سزان جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا.

گهرو معاملن واري وزارت چيو ته ملڪ ۾ 194 ملين موبائل سبسڪرائبرز آهن، 124 ملين براڊ بينڊ، 121 ملين 3G ۽ 4G سبسڪرائبرز آهن.

گهرو وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو وڌندڙ انگ هڪ وڏو خطرو آهي.

گهرو وزارت جي رپورٽ موجب 2019ع ۾ سائبر ڪرائم جون 30 هزار 209 شڪايتون مليون، جڏهن ته 2020ع ۾ 119 هزار 11 شڪايتون سامهون آيون.

اهڙي طرح 2021ع ۾ سائبر ڪرائم جون شڪايتون وڌي 1 لک 2 هزار 772 ٿي ويون، هن سال 1 لک 7 هزار 493 شڪايتون مليون.

گهرو وزارت موجب گذريل ٽن سالن ۾ سائبر ڪرائم ۾ 124 ماڻهن کي سزا ۽ 3060 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں