79

چمن: افغان فورسز جو هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جي شهري آبادي مٿان حملو، 10 ڄڻا زخمي

چمن: افغان فورسز هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جي شهري آبادي کي نشانو بنائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ليويز اختيارين موجب چمن ۾ افغانستان طرفان پاڪستاني شهري آبادي تي گولا فائر ڪيا ويا. جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن مٿان گوليون به ڪريون آهن.
ليويز اختيارين موجب سرحد پار کان دهشتگردي جي هڪ ٻئي واقعي ۾ افغان فورسز چمن بارڊر تي پاڪستان مٿان مارٽر گولا فائر ڪيا جنهن سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان ليويز اختيارين ٻڌايو آهي ته افغان بارڊر ويجهو موسيٰ ڪلي واري علائقي ۾ پاڪستان ۽ افغان بارڊر فورسز وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن جنهن ۾ افغان فورسز طرفان شهري آبادي کي ٻيهر نشانو بنايو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ليويز اختيارين ٻڌايو آهي ته بوغرا ۽ ڪسٽم هائوس جي علائقي ۾ آرٽلري جا ڪيترائي گولا ڪريا جنهن کان پوءِ شهرين کي مال روڊ، بوغرا روڊ، باءِ پاس ۽ بارڊر روڊ خالي ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال چمن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن.
اختيارين موجب افغان فورسز جي جارحيت تي پاڪستاني فورسز طرفان به جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. اختيارين ٻڌايو ته شيخ لعل محمد سيڪٽر ۾ ڪنڊيدار تارن جي مرمت دوران افغان فورسز جي مداخلت تي چڪريون شروع ٿيون جنهن دوران بارڊر شاهراهه ويجهو گولا ڪرڻ سبب هڪ موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿيو آهي جڏهن ته گهرن ۾ ڪيترائي گولا ڪرڻ سبب 2 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب بارڊر روڊ، مال روڊ ۽ بوغرا روڊ تي ٽريفڪ جام آهي جڏهن ته ڪسٽم هائوس ۽ ڪراچي ڪوچ ٽرمينل خالي ڪرايو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به افغان فورسز چمن بارڊر ويجهو واقع شهري آبادي تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري شهيد ٿيا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں