78

ڀارت ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب 39 ڄڻا فوت

ممبئي: ڀارتي رياست بهار ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب 39 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب اڱاري ڏينهن ڀارتي رياست بهار جي ضلعي سارن ۾ شراب پيئڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، کين فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب 3 ڄڻا اسپتال کڻي وڃڻ دوران فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻيون فوتگيون ڪالهه ۽ اڄ ٿيون آهن.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ پوليس غير قانوني شراب جي دڪانن تي ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں