74

چين ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ لڳا، ميڊيڪل اسٽورن تي دوائن جي کوٽ

بيجنگ: (خميس: 15 ڊسمبر 2022ع) چين ۾ ڪورونا جا ڪيس ٻيهر ظاهر ٿيڻ لڳا، ميڊيڪل اسٽورن تي دوائن جي کوٽ ٿي وئي، اسپتالن ٻاهران بخار ۾ مبتلا ماڻهن جي رش وڌي وئي.
ڪورونا جي نئين لهر دوران سڀني کان وڌيڪ چين جو شهر بيجنگ متاثر ٿيو آهي جتي جا روڊ سنسان ٿي ويا آهن ۽ اسپتالن ٻاهران بخار ۾ مبتلا ماڻهن جون لائنون لڳي ويون آهن.
چين گذريل هفتي عوام جي سخت احتجاج کان پوءِ ڪورونا پاليسي ۾ نرمي جو اعلان ڪيو هو جنهن جي تحت وڏي پيماني تي پي سي آر ٽيسٽنگ هاڻ لازمي ناهي رهي. گهٽ نشانين وارن ماڻهن کي فيلڊ اسپتالن جي بجاءِ گهر تي علاج جي اجازت ڏني وئي آهي.
چيني اختيارين موجب پابندين ۾ نرمي سبب ڪيسز جو صحيح اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں