61

ميران شاهه ۾ آپگهاتي حملو: پاڪ فوج جو جوان ۽ شهري شهيد

ميران شاهه : اتروزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جو حوالدار ۽ هڪ شهري شهيد، جڏهن ته 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب ميران شاهه جي بازار ۾ موٽر سائيڪل آپگهاتي بمبارن پاڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان ٽڪر هنيو.
ڌماڪي سبب حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويا، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته آپگهاتي حملا ڪندڙ دهشتگرد مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، پاڪستاني عوام ۽ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں