62

نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ جي لاءِ سياسي بيروزگارن کان ڇوٽڪارو لازمي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: (ڇنڇر: 17 ڊسمبر 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سياسي استحڪام کي بنيادي شرط قرار ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سان وفاداري ۽ دوستي جو مطلب اهو آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام هجي. ڪنهن جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي وڃي ته ائين نه ٿيندو ۽ نه ئي وري ٿيڻ ڏينداسين.
هن چيو ته معيشت جي بنيادن ۾ بارودي سرنگون وڇائيندڙ هاڻ سياسي نظام جي بنيادن ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. جهڙي طرح آئين جي طاقت سان ملڪ کي ڪوڙي ۽ راشي حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، هاڻ عوام کي روزگار ۽ ماني جي پريشانين کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.
شهباز شريف چيو ته سياسي شرپسند انتشار پکيڙي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ سرمائيڪاري نه ڪريو ۽ ٻوڏ متاثرين به پنهنجن گهرن ۾ آباد نه ٿين. ٻوڏ متاثرين کي سيءَ، بک ۽ بيماري کان بچائڻ ۾ سياسي مخالفن جو ڪوبه حصو نه آهي. اهي سياسي مطلب پرست ۽ خودغرض آهن.
وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ جي لاءِ سياسي بيروزگارن کان ڇوٽڪارو لازمي آهي، قوم کي سوچڻو پوندو ته جڏهن به ملڪ ترقي طرف هلڻ شروع ٿيندو آهي ته فسادي ڇو گڏ ٿي ويندا آهن. انهي ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي رهيو ته هڪ ايجنڊا تحت ملڪ کي معاشي طور تي تباهه ڪيو ويو. سياسي عدم استحڪام به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عوام جو ڀروسو ٽوڙيندڙ هاڻ اسيمبليون ٽوڙي رهيا آهن. هنن جو مقصد صرف سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي. عوام جي حالت تي رحم ڪريو، عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ئي سياست آهي. پاڪستان اڳوڻي حڪومت جي چئن سالن دوران معاشي تباهي جو شڪار آهي. سياسي استحڪام ۽ ميثاق معيشت ئي پاڪستان جي قومي سلامتي کي مضبوط ڪري سگهن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں