76

ڀارت ۾ استاد شاگردياڻي کي تشدد بعد پهرين منزل تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو

ممبئي: ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ اسڪول جي استاد پنجين درجي جي شاگردياڻي کي تشدد ڪرڻ بعد اسڪول جي پهرين منزل تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب واقعو جمعي جي صبح 11 وڳي پيش آيو، جنهن کانپوءِ اسڪول جا ٻيا شاگرد ۽ استاد گڏ ٿي ويا جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي استاد کي گرفتار ڪري ورتو.

نينگري کي فوري طور اسپتال نيو ويو جتي سندس علاج جاري آهي.
پوليس سان ڳالهائيندي ڇوڪري جو چوڻ هو ته هن ڪجهه به غلط نه ڪيو آهي، استاد پهريان کيس قينچي سان وار ڪيا جنهن کان پوءِ سندس وار ڪٽيا، جنهن بعد استاد کيس اسڪول جي پهرين منزل تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي حالت پهرين کان بهتر آهي، استاد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں