112

پنهنجا خواب پورا ڪرڻ لاءِ گهر مان ڀڄي وئي هيس: شهناز گل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ٽي وي ۽ فلم جي مشهور اداڪارا شهناز گل انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي خوابن جي کي پورو ڪرڻ لاءِ گهر مان ڀڄي وئي هئي.
شهناز گل جڏهن ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ سندس گهر وارن سندس ساٿ ڏنو. شهناز پنهنجي ماضي کي ياد ڪندي چيو ته کيس اداڪاري ۽ ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هو.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته مون کي پنهنجن خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ گهر کان ڀڄڻو پيو، هن چيو ته ڀارت ۾ تمام گهٽ خاندان آهن جيڪي پورهيت عورتن کي سپورٽ ڪن ٿا، مان زندگيءَ ۾ پنهنجا خواب پورا ڪرڻ چاهيان ٿي.
اداڪارا چيو ته هوءَ تازو ئي پنهنجي ماءُ کي پنهنجي پهرين پرڏيهي دوري تي دبئي گهمائڻ لاءِ وٺي وئي هئي. مان پنهنجي گهر وارن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿي.
ياد رهي ته شهناز گل بگ باس جي مقابلي ۾ رهي چڪي آهي، جتان هن تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي، شهناز پڻ سلمان خان جي پسنديده آهي ۽ جلد ئي سلمان سان سندس نئين فلم ”ڪسي ڪا ڀائي ڪس ڪي جان“ ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں