87

عمران خان اڄ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندو، 560 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن جو مستقبل داءُ تي لڳل

لاهور: ملڪ جي سياست ۾ اڄ 17 ڊسمبر جو ڏينهن انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. 560 کان وڌيڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي جن جي سياسي مستقبل جي فيصلي جو اعلان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اڄ لبرٽي چوڪ تي منعقد ٿيندڙ اجتماع ۾ ڪندو.
عمران خان اڄ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙي پنهنجون ٻئي حڪومتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو يا هڪ دفعو ٻيهر يو ٽرن وٺي وڌيڪ وقت گهري ٿو، ملڪ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني عوام جون نظرون عمران خان جي اعلان تي لڳل آهن.
عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙي قومي اسيمبلي جي سيٽن تان هڪ دفعو ٻيهر استعيفائون ڏئي پي ڊي ايم جي سرڪار کي وقت کان اڳ عام چونڊن لاءِ مجبور ڪرڻ چاهي ٿو پر پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ(ق) جا ڪيترائي وزير ۽ ميمبر في الحال اسيمبليون ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آهن.
پارلياماني ميمبرن اسيمبليون ٽوڙڻ واري فيصلي جو اختيار عمران خان کي ڏئي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وفاق ۾ اتحادي حڪومت اسيمبليون ٽوڙڻ بجاءِ وڌ کان وڌ وقت وٺي عوامي عدالت ۾ سرخرو ٿيڻ جي لاءِ قدم کڻڻ چاهي ٿي.
عمران خان جي ٻنهي وڏن وزيرن پرويز الاهي ۽ محمود خان پنهنجون اسيمبليون ٽوڙڻ جي سمري پنهنجن گورنرز ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. پر پارٽي اندر دٻاءُ جي نتيجي ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري معاملي کي ڪجهه وقت جي لاءِ ملتوي ڪرڻ جا امڪان موجود آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں