98

دنيا جو پهريون ’سپر ماڊل روبوٽ ڪيفي‘ ايندڙ سال دبئي ۾ کوليو ويندو

دبئي: دنيا جو پهريون سپر ماڊل روبوٽ ڪيفي ايندڙ سال دبئي ۾ کوليندو، جتي گراهڪن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ سپر ماڊل روبوٽ ٺاهيو ويو آهي.
واضح رهي ته هي عورت روبوٽ هوبوهو نظر آهي ڊيانا گبڊوولينا جيان نظر اچي ٿو ، جيڪا يورپ جي مشهور ماڊل آهي. ، ڊيانا جي روبوٽ کي ڪيشيئر طورويهاريو ويندو. انهي سان گڏ، روبوٽ ليڊي گراهڪن کي سلام ڪندي ۽ انهن سان ڳالهائيندي ۽ انهن جا نالا ۽ شڪل ياد ڪندي جيڪي کيس هميشه جي لاءِ ياد هوندا.

شروعاتي رپورٽن موجب ڊونا سائبر ڪيفي نالي ريسٽورنٽ ۾ هڪ انساني شڪل وارو عورت روبوٽ هوندو ۽ ان کي هڪ سپر ماڊل جي نقل طور ٺاهيو ويو آهي. ڪمپني آر ڊي آءِ پاران تيار ڪيل روبوٽ جون اکيون حقيقت جي ويجھو ٺاهيون ويون آهن ۽ منهن کي سليڪون چمڙي سان ڍڪيو ويو آهي.

روبوٽ جو الگورٿم به انساني جذبن ۽ احساسن کي پڙهي سگهندو، پر اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ريسٽورنٽ ۾ ڪهڙيون کاڌي پيتي جون شيون پيش ڪيون وينديون. بهرحال، روبوٽ کي حقيقت جي ويجهو ٺاهيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں