59

معاشي طور تي پاڪستان لاءِ ڏکيو وقت آهي: بلاول ڀٽو

بيجنگ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معيشت جي اعتبار سان هي پاڪستان جي لاءِ مشڪل وقت آهي پر اسان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
گڏيل قومن ۾ چين ۽ جي 77 وزارتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پاڪستان اندر دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جي آواز هتي پهچائي آهي. دهشتگردي جي متاثرين ۽ پاڪستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندڙ ملڪن جا ٿورائتا آهيون. اسان دهشتگردي جو شڪار آهيون. سموري قوم دهشتگردن خلاف متحد آهي. ترقي يافته ملڪ به هن وقت معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪ اقتصادي بحران جو شڪار آهن ۽ انهن ملڪن ۾ ڪروڙين ماڻهو بک واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل دوران ماضي ۾ جيڪي غلطيون ٿيون هاڻ اهي نه ٿينديون. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اسان جو حڪومتي اتحاد پرعزم آهي ته دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته معيشت جي حوالي سان هي پاڪستان جي لاءِ مشڪل وقت آهي پر وزيراعظم جي معاشي ٽيم هن چئلينج جو مقابلو ڪري رهي آهي. دنيا ڏسي رهي آهي ته اسان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته اسان پنهنجا وسيلا ٻوڏ متاثرين مٿان خرچ ڪري رهيا آهيون.
پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وڌندڙ موسمياتي تبديلي غريب ملڪن کي متاثر ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ تباهيون ان جي مثال آهن. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي جي 77 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں