68

پنجاب جي وڏي وزير ۽ اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان پنجاب اسيمبلي کي امڪاني ٽوڙڻ خلاف(ن) ليگ منصوبو تيار ڪري ورتو.
مسلم ليگ(ن) پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. پارٽي ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) طرفان اڄ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي.


ليگي قيادت وڏي وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سردار سبطين خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
بي اعتمادي رٿ تي ليگي ميمبرن صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن کي تعليم جي اڳوڻي وزير راڻا مشهود احمد خان جي آفيس ۾ گڏ ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي جا ليگي ميمبر ٿوري دير ۾ پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائيندا.
مسلم ليگ(ن) بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ سان رابطن جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں